لاڙڪاڻو: پيش امام واري معاملي خلاف اتحاد اهلسنت طرفان مارڪيٽ ٿاڻي ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي پيش امام جي پيءُ فقير سونو خان ابڙو، جنيد مصطفيٰ سرهيو، حافظ رجب سهڙو، حافظ خالد قاسمي، حافظ غلام نبي جلباڻي ۽ ٻين چيو ته ماجد ابڙو گذريل ڪيترن ئي سالن کان مراد واهڻ ۾ الحسيني مسجد جو پيش امام آهي، جنهن کي بيگناهه ڪوڙي الزام ۾ ڦاسائي سندس تذليل ڪري بدترين تشدد جو نشانو بڻايو ويو، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.