مدئجي (ن پ ا) مدئجي ڀرسان جوابدار مبينا مقابلي ۾ زخمي حالت ۾ گرفتار، هاف فراءِ ڪرڻ جا چوٻول. ايس پي لاڙي وٽ ڏوهارين جي موجودگي واري اطلاع تي ڳاهيجا پوليس ڪارروائي ڪري مبينا مقابلي ۾ جوابدار امام الدين عرف کڙٻاٽو شر کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ٽي ٽي پسٽل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب جوابدار جا ساٿي فرار ٿي ويا. پوليس موجب ڏوهارين جي اطلاع تي پهتاسين ته جوابدارن پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪئي جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو گرفتار ڪيو. هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن ته همراهه کي پوليس گرفتار ڪرڻ بعد هاف فراءِ ڪيو آهي.