حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ شهرين کي رستن تي نڪري احتجاج ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. هڪ هفتي کان بجلي جي بندش خلاف حيسڪو ميمڻ سب ڊويزن جي علائقي ٽمبر مارڪيٽ جي رهواسين مارڪيٽ ۽ ڦليلي ڏانهن ويندڙ روڊ تي ٽائر ساڙي احتجاج ڪيو. علائقي واسين جي احتجاج کانپوءِ روڊ تي ٻنهي پاسن کان ٽريفڪ جام ٿي وئي. پوليس پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون پر انهن روڊ کولڻ کان انڪار ڪندي لاڳيتو 2 ڪلاڪ پنهنجو احتجاج جاري رکيو ۽ بعد ۾ پوليس پاران خاطري ڪرائڻ تي مظاهرين احتجاج ختم ڪري ڇڏيو. ٽمبر مارڪيٽ جي رهواسين ٻڌايو ته سندن علائقي ۾ هڪ هفتي کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب هئڻ سبب بجلي بند پيل آهي جنهن ڪري سخت گرمي سبب ٻار، عورتون توڙي پيرسن بيحال بڻيل آهن. علائقي واسين موجب ٽرانسفارمر جي تبديلي لاءِ انهن بار بار حيسڪو عملي وٽ شڪايتون ڪيون آهن پر ڪو به تدارڪ ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ هاڻي حيسڪو عملدار ٽرانسفارمر جي تبديلي لاءِ مبينا طور کانئن 30 هزار رپيا رشوت طلب ڪري رهيا آهن ۽ رشوت نه ڏيڻ سبب بجلي بحال نٿي ڪئي وڃي. مظاهرين حيسڪو چيف کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي سندن علائقي جو سڙيل ٽرانسفارمر فوري طور تي تبديل ڪري کين پريشانين کان بچايو وڃي.