پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پيرجوڳوٺ جي ڪچي آبادي جي رھواسڻ 4 ٻارن جي ماءُ نازيا شيخ مبينا طور اغوا ٿي وئي آهي ان ڏس ۾ مبينا طور اغوا ٿي ويل عورت نازيا شيخ جي مڙس سرور جاگيراڻي رابطو ڪرڻ تي صحافين کي ٻڌايو ته ابڙا برادري جي ممتاز ابڙو پنهنجي ساٿين سان گڏجي منهنجي زال نازيا شيخ کي اغوا ڪري ويو آهي. ھوڏانھن علائقي ۾ چوٻول آهن ته نازيا شيخ پنهنجي گهر مرضي سان پنهنجي چاھيندڙ ممتاز ابڙو سان گھران نڪري وئي آهي.