حيدرآباد (بيورو رپورٽ) واسا پاران حيدرآباد شهر ۾ باقيدار صارفين خاص طور غيرقانوني ڪنڪيشن لڳائي پاڻي استعمال ڪندڙن ماڻهن خلاف آپريشن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ ميمڻ ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي کي نوٽيس جاري ڪندي چتاءُ ڏنو ويو آهي ته جيڪڏهن 21 نومبر تائين پاڻي جي بلن جي ادائيگي نه ٿي ۽ غيرقانوني ڪنيڪشن نه هٽايا ويا ته آپريشن ڪري ڪنيڪشن ڪاٽا ڪيا ويندا. واسا اختيارين جو چوڻ آهي ته رڪارڊ ۾ ميمڻ ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي ۾ واسا جي صارفين جو انگ 595 آهي، جڏهن ته پاڻي جو بل صرف 230 صارف ادا ڪن ٿا. ڄاڻايل ڪالوني ڏانهن واسا جي پاڻي جي بلن جي مد ۾ رهتون 75 لک 18 هزار 430 رپيا آهي ۽ اها رقم ادا نه پئي ڪئي وڃي. ان سلسلي ۾ ايم ڊي واسا طرفان صارفين کي 30 سيپٽمبر 2022ع تي خط لکي آگاهه ڪيو ويو ته سوسائٽي انتظاميا 6 قطار جا 2 ڪنيڪشن لڳائي رکيا آهن پر اٽڪل 19.565 ملين رپين جي واسا کي ادائيگي نه ڪئي وئي آهي. واسا مطابق ان خط جو ميمڻ سوسائٽي جي انتظاميا طرفان ڪو به مثبت جواب نه ڏنو ويو.جنهن تي 17 آڪٽوبر تي واسا پاران ٻيهر خط لکيو ويو پر ان جو به جواب نه ڏنو ويو. 19 آڪٽوبر تي ٽيهر به خط لکيو ويو. خطن جا جواب نه ملڻ تي 26 آڪٽوبر 2022ع تي پري ڊسڪنيڪشن نوٽيس جاري ڪيو ويو. ان حوالي سان حتمي نوٽيس 4 نومبر تي جاري ڪيو ويو آهي پر ميمڻ سوسائٽي جي انتظاميا ڪا به ادائيگي نه ڪئي آهي. 15 نومبر تي واسا پاران ڊسڪنيڪشن نوٽيس جاري ڪيو ويو جنهن جي آخري تاريخ 21 نومبر آهي. واسا چيو آهي ته تاريخ گذرڻ بعد بنا ڪنهن اڳواٽ اطلاع جي پاڻي جا سمورا ڪنيڪشن ڪاٽيا ويندا ۽ ميمڻ ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي انتظاميا خلاف قانوني قدم به کنيو ويندو.