چڪ (ن پ ا) چڪ ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي مياڻي ديهه مان هٿياربند پاڻي واري تي بيٺل ٽن ڄڻن حمادالله سومرو، طاهر سومرو ۽ سميع الله جتوئي کي اغوا ڪري ڪجهه فاصلي تي سميع الله جتوئي کي رستي ۾ ڇڏي ٻين کي شاھ ٻيلو واري علائقي ڏانهن کڻي فرار ٿي ويا. چڪ، رستم، محمود آباغ ٿاڻن جي پوليس ۽ مغوين جي وارثن پيرا ڪچي تائين پهچايا، شاھ ٻيلو کانپوءِ بعد پوليس موٽي وئي، ايس ايڇ او محمود آباغ موجب چڪ ٿاڻي جي حد مان اغوا واقعو پيش آيو آهي. جڏهن ته ايس ايڇ او چڪ جو چوڻ آهي ته واقعو ٿيو آهي پيرا کنيا آهن جاچ ڪري وڌيڪ تفصيل ظاهر ڪيا ويندا هوڏانهن هٿياربندن هٿان اغوا ٿيل ٻن نوجوانن جي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو آهي.