حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ سرڪاري گدامن تان ايندڙ ڪڻڪ گاڏين مان رستن تي چوري ٿيڻ جو انڪشاف، پوليس ٽرڪ جي ڳجهي ڪيبن مان 7 ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ٽرڪ سميت ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته حيدرآباد واسي بروڪر شاهنواز حيدر جي معرفت ڪڻڪ سان ڀريل ٽرڪ قاضي احمد کان سائيٽ واري علائقي ۾ قائم جيلاني اٽي چڪي وٽ پهتي ته ٽرڪ جي ڪيبن تان اوچتو 2 ڄڻا ٻاهر آيا جنهن بعد اٽي چڪي تي موجود ملازمن ٽرڪ جي تلاشي ورتي ته ٽرڪ جي ڳجهي خاني (ڪيبن) مان ٻيا به 5 ماڻهو ظاهر ٿيا جن کي بعد ۾ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي. سائيٽ پوليس ٿاڻي منتقل ٿيل ماڻهن ۾ هالاناڪي جو رهواسي علي بخش، عابد علي، امداد، نواب خان جڏهن ته ڪوٽڙي واسي اظهر ۽ خيرپور ميرس جا رهواسي نظير ۽ جاويد شامل آهن. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او سائيٽ حاڪم علي جلباڻي به تصديق ڪئي ته ڪجهه ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي جڏهن ته ڪجهه ماڻهو فرار ٿي ويا آهن. هن چيو ته اٽي چڪي مالڪن جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل ماڻهن ڪڻڪ جون 20 ٻوريون مبينا طور رستي تي گم ڪري ڇڏيون آهن جنهن ڪري هو ٽرڪ ۾ ڳجهه ڳوهه ذريعي سوار ٿيا ته جيئن ڪانٽي تي وزن ۾ گهٽتائي نه اچي. ايس ايچ او موجب مالڪن جي دعويٰ آهي ته ڄاڻايل ماڻهن ڪڻڪ چوري ڪئي آهي پر تحويل ۾ ورتل ماڻهو ان ڳالهه کان انڪاري آهن جيڪڏهن اڏي مالڪ واقعي جو ڪيس داخل ڪرايو ته ست ئي ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو. ٻئي طرف اٽي چڪي اونرز ايسوسيئيشن جي صدر حاجي محمد ميمڻ جو چوڻ آهي ته اهڙي قسم جي طريقن سان چڪي مالڪن سميت واپارين کي وڏو نقصان ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ٽرڪن ۾ سوار اڻڄاتل ماڻهو ڪڻڪ جون ٻوريون مبينا طور غائب ڪري مٽي ۽ ڪچري سان ڀريل ٻوريون رکيو ڇڏين جڏهن ته هاڻي ڪڻڪ چوري ڪندڙ ماڻهن چوري جو انوکو طريقو اختيار ڪندي ڪڻڪ رستي ۾ لاهڻ کانپوءِ گاڏي جي ڳجهي هنڌن ۾ ويهي ڪانٽو ڪرائين ٿا ته جيئن ٽرڪ جو وزن پورو ٿي وڃي. هن چيو ته واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي ته جئين معاملو وائکو ٿي وڃي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.