حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) حيدرآباد جي عدالت لطيف آباد ٽرانسفارمر ڌماڪي ڪيس ۾ جاچ ڪاميٽي جي نشاندهي تي نامزد ڪيل ايس ڊي او سميت چئن ڄڻن جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ڇڏي، ان ڏس ۾ لطيف آباد يونٽ نمبر 8 جي اڪبري گرائونڊ ڀرسان 22 جولاءِ تي بجلي جي ٽرانسفارمر ۾ ڌماڪي دوران 10 ڄڻن جي سڙي فوت ٿيڻ ۽ 8 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ واري ڪيس ۾ جاچ ڪاميٽي پاران نامزد ڪرايل ايس ڊي او رضوي سب ڊويزن محمد عرفان، لائين سپرنٽينڊنٽ اشفاق احمد خان، ايل ايم ون فاروق بيگ، اي ايل ايم محمد دانش پنهنجي وڪيلن عشرت علي لوهر ۽ جميل احمد معرفت ٿرڊ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ گرفتاري کان اڳ واري ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي. شنوائي دوران وڪيل دليل ڏنا ته ڄاڻايل ايس ڊي او سميت ٽنهي حيسڪو ملازمن جو ايف آءِ آر ۾ نالو نامزد نه آهي، جنهن ڏينهن واقعو ٿيو ان ڏينهن اتي به ايس ڊي او رضوي سب ڊويزن سميت ڄاڻايل عملو موجود نه هو پر تنهن باوجود سندن نالا ڪيس ۾ شامل ڪيا ويا آهن. عدالت دليل ٻڌڻ بعد چئني جوابدارن جي 50-50 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ٻن ڏينهن لاءِ عبوري ضمانت منظور ڪندي کين پڪي ضمانت لاءِ 5 آگسٽ تي ٻيهر عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو. گڏوگڏ عدالت گرفتار ايڪسيئن لطيف آباد ظفر سولنگي ۽ رضوي سب ڊويزن جي لائين سپرنٽينڊنٽ محمد سليم جي ضمانت لاءِ داخل درخواست تي پڻ وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد ايس ايچ او اي سيڪشن لطيف آباد کي نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. ٻئي طرف اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس گرفتار ايڪسيئن ظفر سولنگي ۽ ايل ايس محمد سليم کي رمانڊ پورو ٿيڻ بعد سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 11 سيد آندل سرور جي عدالت ۾ پيش ڪيو. عدالت جوابدارن کي ٻن ڏينھن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته 22 تي اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس اي ايس آءِ هاشم علي راجپوت جي فرياد تي حيسڪو جي ايل ايس محمد سليم، سهيل رضوي، محمد اسماعيل، ابراهيم ۽ فيصل خلاف لاپرواهي جو ڪيس داخل ڪيو هو. هوڏانهن لطيف آباد ٽرانسفارمر سانحي جي فوتين جي وارثن جي حيسڪو انتظاميا سان ملاقات، وارثن پاران 40-40 لک امداد ۽ نوڪرين جو مطالبو ڪيو. ٽرانسفارمر ڦاٽڻ سبب فوت ٿيل 9 ماڻهن جي وارثن حيسڪو انتظاميا سان ملاقات دوران گهر ڪئي آهي ته ٽرانسفارمر سانحي ۾ فوت ٿيل هر شخص جي خاندان کي 40-40 لک رپيا امداد ڏني وڃي ۽ سندن وارثن کي نوڪريون به ڏنيون وڃن. اها ملاقات حيسڪو ڪانفرنس هال ۾ ٿي جنهن ۾ هائيڊرو يونين جي نمائندن به شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ چيف ايگزيڪيوٽو حيسڪو ريحان حامد به موجود هو. حيسڪو چيف فوتين جي وارثن کي ٻڌايو ته حيسڪو جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز زخمين لاءِ 3 کان 5 لک رپيا امداد طور منظور ڪيا جيڪي ادا ڪيا ويا آهن جڏهن ته فوتين لاءِ ساڍا 7 لک رپيا في ماڻهو امداد مقرر ڪئي وئي. اها امداد جلد ادا ڪئي ويندي. حيسڪو پاران سرڪار کي امداد جي رقم وڌائڻ لاءِ خط به لکيو ويو آهي. وارثن موقف اختيار ڪيو ته کين هڪ هڪ نوڪري ۽ 40-40 لک رپيا في خاندان کي امداد ڏني وڃي. حيسڪو اختيارين خاطري ڪرائي ته سندن مطالبا سرڪار کي تحريري طور موڪليا ويندا. ملاقات ۾ جنرل مئنيجر آپريشن عبدالاحد، چيف انجنيئر پلاننگ منظور حسين سومرو، مئنيجر سيفٽي مشتاق احمد دايو سميت ٻين آفيسرن ۽ هائيڊرو يونين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.