حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ٽنڊوالهيار جي ڳوٺ بڪيرا شريف ۾ مبينا طور اجتمائي ڏاڍائي جو شڪار بڻيل انيلا ملاح ڪيس ۾ نامزد جوابدارن پاران ڪيس تان هٿ نه کڻڻ جي صورت ۾ ڌمڪيون ملڻ ۽ پوليس پاران ڪيس کي لوڙهڻ جي ڪوشش خلاف پنهنجي وارثن سان گڏ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي مبينا طور اجتمائي ڏاڍائي جو شڪار انيلا ملاح ٻڌايو ته هو 24 جون 2021 تي ڄاموٽ فارم ريڇل ۾ گاهه ڪري واپس گهر موٽي رهي هئي ته جوابدار گلشاد ملاح ۽ جاويد دل کيس اغوا ڪري ڪيلن جي باغ ۾ وٺي ويا، جتي کيس زبردستي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو، سندس رڙين تي هن جون مائٽ عورتون پهچي ويون جن کي ڏسي جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويا، هن ٻڌايو ته واقعي بعد هن حد جي بڪيرا شريف ٿاڻي تي فرياد داخل ڪرايو. پوليس بيان وٺڻ بعد جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو پر بعد ۾ پوليس جوابدارن کان رشوت وٺي ساڻس پيش آيل واقعي جو ڪيس لوڙھڻ جي ڪوشش ڪري رهي آھي، هن ٻڌايو ته ايف آءِ آر ۾ واقعي کي زيادتي نه پر زيادتي جي ڪوشش ڄاڻايو ويو آھي ۽ ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ به پنهنجي مرضي جو ٺهرائي جوابدارن کي آزاد ڪيو ويو آھي، هن چيو ته جوابدار انتهائي بااثر آهن ۽ ڪيس تان هٿ نه کڻڻ جي صورت ۾ کيس موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن وس وارن کان گهر ڪئي ته واقعي جو نوٽيس وٺي ساڻس زيادتي ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.