شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ڀرسان پيرسن قتل ڪيس ۾ هڪ جوابدار ڄامشورو مان گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ، 6 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي، ٻن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا جاري، ان ڏس ۾ شاهپورچاڪر ٿاڻي جي حد ڳوٺ سلطان ڀاڻوجو واسي پيرسن زر خان بگٽي کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ واري واقعي جو مقتول جي ڀاءُ فتح خان بگٽي جي فرياد تي شاهپورڇاڪر ٿاڻي تي ٽن جوابدارن تي داخل ڪيس ۾ نامزد هڪ جوابدار عبدالرحيم بگٽي کي ڄامشورو مان گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. گرفتار جوابدار عبدالرحيم کي رمانڊ لاءِ اسپيشل ڊيوٽي مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي جاچ آفيسر پاران جاچ جي سلسلي ۾ پوليس رمانڊ طلب ڪرڻ بعد عدالت 6 ڏينهن جي جسماني رمانڊ منظور ڪندي جوابدار کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ ايس ايچ او اسحاق سنگراسي موجب هڪ جوابدار عبدالرحيم بگٽي کي ڄامشورو ڪول مائنز وٽان گرفتار ڪري ورتو آهي، باقي ٻن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا جاري آهن جيڪي بلوچستان جي جابلو علائقي ۾ فرار ٿي ويا آهن.