حيدرآباد ۾ دريا جي پيٽ ۾ 1100 ايڪڙ زمين تي قبضو

0
527
1100 ايڪڙ زمين تي قبضو
حيدرآباد ۾ دريا جي پيٽ ۾ 1100 ايڪڙ زمين تي قبضو!!

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ درياهه جي پيٽ جي زمين تي قبضن جو سلسلو جاري آهي، لينڊ مافيا 1100 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري ورتو. زمين تي قبضي سبب درياهه جو پيٽ سوڙهو ٿي ويو.

ٻوڏ جي ڏينهن ۾ درياهه جي بندن ۽ ڪوٽڙي بئراج تي دٻاءُ جو خدشو وڌي ويو. آبپاشي کاتي پاران ڊويزنل انتظاميا کي به آگاهي ڏني وئي. ڪارروائي نه ٿيڻ جي ڪري روزانو جي بنياد تي قبضن جو سلسلو هلندڙ آهي،

آبپاشي عملدارن موجب عدالتي حڪم تحت فيز ون جي اڏاوتن خلاف ڪارروائي آهي.