سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، 528 نوان ڪيس ظاهر

0
172
سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت،

ڪراچي: سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 14804 نمونن جي چڪاس ڪئي وئي، جنهن دوران وڌيڪ 528 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا،

جڏهن ته 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، اهڙي ريت فوتين جو ڪل انگ وڌي 7382 تي پهچي ويو آهي. اڄ وڌيڪ  468 مريض صحتياب ٿيا، جنهن بعد صحتمند ماڻھن جو ڪل تعداد 428075 تي پھچي ويو آھي.

هينئر تائين 6010469 نمونن جي جانچ ڪئي وئي آهي، جن مان 456636 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. ھن وقت 21179 مريض علاج ھيٺ آھن، جن مان 420 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. 36 مريض وينٽيليٽر تي آھن.