برطانوي پوليس آفيسر تي عورت سان ڏاڍائي کانپوءِ قتل ڪرڻ جو الزام ثابت

0
252
عورت ڏاڍائي کانپوءِ قتل ڪرڻ جو الزام ثابت
برطانوي پوليس آفيسر تي عورت سان ڏاڍائي کانپوءِ قتل ڪرڻ جو الزام ثابت

برطانوي پوليس آفيسر تي عورت کي جعلي گرفتاري کانپوءِ ڏاڍائي ۽ قتل ڪرڻ جو الزام ثابت ٿي ويو

غير ملڪي خبر اجينسي موجب 33 سلان جي سارا ايواڊ نالي عورت برطانيھ ۾ لاڪ ڊائون دوران گم ٿي وئي ھئي جنھن کانپوءِ برطانيا ۾ گم ٿيل شخص بابت تفتيش ۾ انھيءَ ڪيس کي انتھائي اھميت حاصل ٿي جڏھن تھ واقعي کانپوءِ برطانيا ۾ احتجاج ڪيو ويو ۽ روڊن تي عورتن جي تحفظ تي نئين بحث شروع ٿي وئي

خبر ايجنسي موجب ڪيس بابت برطانوي عدالت چيو تھ حاضر سروس برطانوي پوليس آفيسر عورت کي گھر ويندي رستي تان اغوا ڪيو، جوابدار عورت تي ڪورونا وائرس جي پابندين ٽوڙڻ جو الزام لڳائيندي ڪوڙي گرفتاري ڪئي ۽ ھٿڪڙيون لڳايون جڏھن تھ عورت کي قتل ڪرڻ کان پھريان ڏاڍائي ڪئي

خيبر اجينسي موجب 48 سالن جي پوليس آفيسر وائن ڪوزنس لنڊن ميٽروپوليٽن پوليس جي ايليٽ ڊپلوميٽڪ پروٽيڪشن يونٽ ۾ مقررھو جنھن جولائي ۾ عورت کي اغوا، ڏاڍائي ۽ پوءِ قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو ھو

عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر ٻڌايو تھ تفتيش دوران سيڪيورٽي ڪيمرن ۾ بھ اھو سامھون آيو تھ جوابدار جي ھٿن ۾ گرفتاري جو ڪوڙو وارنٽ ھو ۽ ھن عورت کي ڪار ۾ ويھارڻ کان پھريان ھٿڪڙيون لڳايون جنھن کانپوءِ جوبدار اڪيلي عورت سان زيادتي ڪئي ۽ پوءِ قتل ڪيو

خبر ايجنسي موجبھ ڪيس ۾ ڏوھھ ثابت ٿيڻ کانپوءِ برطانوي پوليس آفيسر جي سزا بابت فيصلو خميس تي ٻڌائڻ جو امڪان آھي

عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي کان اڳ ميٽروپوليٽن پوليس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ھو تھ اسان انھيءَ شخص جي ڏھھھ تي انتھائي ڪاوڙ ۾ ۽ حيران آھيون

ميٽروپوليٽن پوليس جو چوڻ ھو تھ جوابدار کي انھيءَ واقعي کانپوءِ نوڪري مان برطرف ڪيو ويو ھو جڏھن تھ انھيءَ عمل ڪيترائي سوال پيدا ڪري ڇڏيا آھن.