حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي لياقت ڪالوني واري علائقي ۾ مبينا طور بجلي چوري ڪندڙ خانگي اليڪٽريشن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ سخي پير ٿاڻي تي درخواست ڏني وئي آهي. حيسڪو آپريشن سب ڊويزن لياقت ڪالوني جي ايس ڊي او ايس ايڇ او سخي پير کي خط لکي چيو آهي ته علائقي جو هڪ خانگي اليڪٽريشن عمران عرف ڊاڪٽر صديق هوٽل ۽ ٻين علائقن ۾ بجلي جي چوري ۾ ملوث آهي ان ڪري سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي. ٻڌايو پيو وڃي ته شهر جي مختلف علائقن ۾ خانگي اليڪٽريشن ٿنڀن مان چوري جون تارون هڻي بجلي وڪرو ڪري ماهوار لکين رپيا ڪمائين ٿا جنهن جي ڪري ميٽر وارن صارفين کي بجلي جا اضافي بل ڀوڳڻا پون ٿا. اهڙين شڪايتن تي حيسڪو لياقت ڪالوني سب ڊويزن جي ايس ڊي او به بجلي چورن خلاف ڪارروائي لاءِ پوليس کي خط لکيو آهي.