حيدرآباد پوليس وڌيڪ ٻن ڄڻن کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو

0
301
حيدرآباد پوليس وڌيڪ

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد پوليس جي مبينا مقابلن جو سلسلو رڪجي نه سگهيو، وڌيڪ ٻن ڄڻن کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو.پوليس جو چوڻ آهي ته سائيٽ واري علائقي ۾ ڦورن سان مقابلي ۾  ٻن ڄڻن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي.

زخمين ۾ احمد رضا ۽ دلشير علي شامل آهن، جن جي قبضي مان ٻه ٽي ٽي پسٽل به هٿ ڪيا ويا آهن.پوليس موجب هاشمي ڦاٽڪ وٽ موٽرسائيڪل تي سوار ٻنهي ڄڻن کي شڪي سمجهي روڪڻ جو اشارو ڏنو پر انهن بيهڻ بدران پوليس تي فائرنگ ڪئي، جوابي فائرنگ ۾ ٻئي ڦورو زخمي ٿي پيا، جن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي

پوليس جي دعويٰ آهي ته ڦورن خلاف شهر جي مختلف ٿاڻن تي ڦرلٽ ۽ چورين جا ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل آهن.