مهانگائي ماري ڇڏيو: بهرام ٿاڻي جي پوليس اهلڪار جون دانهون، وڊيو وائرل

0
288
مهانگائي ماري ڇڏيو،

بهرام (ن پ ا) بهرام ٿاڻي جي پوليس اهلڪار مهانگائي جي حوالي سان  دانهون ڪندي سنڌ جي وڏي وزير کي واهر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

وڊيو ۾ اهلڪار دانهون ڪندي چوي ٿو ته پوليس جي ننڍن ملازمن کي روزانو جي حساب سان  ھائوس رينٽ 50 روپيه،  ڪنوينس الائونس 64 روپيه، ميڊيڪل الائونس 45 روپيه، راشن الائونس 34  روپيه، واشنگ الائونس 3 روپيه ڏنو وڃي ٿو.

هن مراد علي شاهه کي مخاطب ٿيندي چيو ته ننڍن ملازمن جو گذر سفر ڏاڍو ڏکيو ٿي ويو، الائونس مان نه ڪنهن شهر ۾ گهر وٺي رهي سگهون ٿا  نه علاج ڪرائي سگهون ٿا نه ئي وري کاڌ خوراڪ جو راشن وٺي سگهجي ٿو  باقي اسان جي مرڻ  کانپوءِ  اسان جي گهر وارن کي هڪ ڪروڙ ڏنو وڃي ٿو پر اسان جي اکين ته ڪو نه ڏٺو اسان جا گهر ڀاتي سُکيا به آهن يا نه.؟

 

ھي به پڙھندا

پاڪستان دنيا جو چوٿون نمبر سڀ کان مهانگو ملڪ بڻجي ويو