حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ويڳي پيءُ جي قتل الزام هيٺ ڦاهي جي سزا ٻڌايل جوابدار  جي سزا وارو فيصلو معطل ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس 11 اپريل 2010ع دوران اشفاق احمد نالي شخص جي فرياد تي سندس ڀاءُ پوليس اهلڪار عباس علي جي قتل جو ڪيس سندس ويڳي پٽ محمد عامر، ڀاءُ ڪامران ۽ والده سعيده بانو خلاف داخل ڪيو ويو هو. 2019ع دوران ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جوابدار کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي هئي سزا خلاف جوابدار پنهنجي وڪيل طارق شاهه معرفت اپيل داخل ڪئي. جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي مشتمل ڊويزن بئنچ اپيل تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جوابدار جي وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته لاڳاپيل عدالت ٽرائل دوران شاهدن پاران ڏنل شاهدين جي آڌار تي جوابدار کي سزا ٻڌائي هئي پر جوابدار جي ڀاءُ پنهنجي شاهدي ۾ ڄاڻايو هو ته کيس پوليس مارڪٽ ڪري زبردستي بيان ورتو هو. گڏوگڏ پوليس چالان ۾ ڄاڻايو ته جوابدار جي والده پٽ خلاف بيان ڏنو آهي جنهن ۾ به ڪا صداقت نه هئي. عدالت ڌرين جا دليل بڌڻ بعد جوابدار کي آيل موت واري سزا وارو فيصلو معطل ڪندي کيس بري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.