حيدرآباد: سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊي جي ايس بي سي اي پاران جاري سرڪيولر معطل

0
335
کنڀي گم ڪيل سرويچ
Hyd court

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ريجنل ڊائريڪٽر جا اختيار گهٽائڻ وارو معاملو، سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ڊائريڪٽر جنرل ايس بي سي اي پاران جاري سرڪيولر معطل ڪري ڇڏيو، وڪيل آگاهي ڏيندي عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊي جي 12 اپريل تي زباني طور حڪم ڏيندي ريجنل ڊائريڪٽر جا اختيار گهٽائي ڇڏيا آهن، هاڻي ريجنل ڊائريڪٽر ڪنهن بلڊنگ جو نقشو به پاس نه ڪري سگهندو جنهن ڪري حيدرآباد سميت سموري ريجن جا ماڻهون هڪ نقشو پاس ڪرائڻ لاءِ ڪراچي ڊي جي آفيس ۾ ويندا، جسٽس ذوالفقار احمد خان ڊي جي کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان ڪراچي مان صبح جو 6 وڳي نڪري سنڌ جي 27 ضلعن جا دورا ڪندا آهيو جو سمورا اختيار پاڻ وٽ رکي ڇڏيا آهن، ڊي جي چيو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي 2013ع واري قانون جي سيڪشن 4 تحت سمورن ريجنل هيڊز جا اختيار هاڻي مون وٽ آهن، آئون سنڌ جي ڪنهن به ضلعي ۾ نه ٿو وڃان رڳو ڪراچي واري آفيس ۾ ويهندو آهيان سمورا ريجنل ڊائريڪٽر ڪاروهنوار بابت رپورٽون اماڻين ٿا، عدالت چيو ته جڏهن اوهان لاڳاپيل ضلعن ۾ وڃي بلڊنگس پلان توڙي نقشن بابت ايراضي نه ٿا ڏسڻ وڃي سگهو پوءِ سمورا اختيار اوهان وٽ ڇو هجن، عدالت سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي1997ع واري قانون جي سيڪشن 4 ۽ سيڪشن 6 تحت ريجنل ڊائريڪٽرز کان سمورا اختيار ڊي جي کي منتقل ڪرڻ وارو سرڪيولر معطل ڪندي ڊي جي کي حڪم ڏنو ته ريجنل ڊائريڪٽرز کي سمورا اختيار واپس ڪيا وڃن..