ليه (م ڊ) وزيراعظم عمران خان پوليس ۽ رينجرز کي ڊيرا غازي خان ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ليه ۾ صحت انصاف ڪارڊ تقريب دوران هن چيو ته ڊيرا غازي خان ۾ ڌاڙيلن ظلم ڪيو آهي، آءِ جي پنجاب پوليس ۽ رينجرز کي اڄ ئي فون ڪندس ته ڏوهارين خلاف قدم کڻو، اتي پوليس جي چوڪي ٺاهينداسين، هاڻ ڌاڙيلن کي برداشت نه ڪيو ويندو، جيڪي وڏي وقت کان مقامي ماڻهن تي ظلم ڪري رهيا آهن، رينجرز کي پوليس جي مدد جو حڪم ڏيندس. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ڌاڙيلن جي وڊيو ڏٺي آهي جنهن تي افسوس ٿيو، ڌاڙيل هتي وڏو ظلم ڪري رهيا آهن، پوري طرح ايڪشن کڻنداسين. واضح رهي ته ڊيرا غازي خان ۾ لادي گينگ طرفان شهري جا هٿ، ٻانهون، ڪَن، نَڪ ڪپڻ جو هيانءُ ڏاريندڙ واقعو پيش آيو، جنهن جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. وزيراعظم اهڙي وڊيو جو نوٽيس وٺندي رينجرز کي آپريشن جو حڪم ڏنو، تقريب کي خطاب وزيراعظم جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ هيل تائين اهو ٿيندو رهيو آهي ته مرڪزي شهرن لاهور، اسلام آباد ۾ وڌيڪ پئسو خرچ ڪيو ويو، جڏهن ته ڏورانهن علائقن تي خرچ نه ڪيو ويو، ان سان شهرن جي آبادي ۾ واڌ ٿي ۽ مناسب انتظام نه ڪيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ سيوريج سسٽم ۽ صفائي سٿرائي جا مسئلا پيدا ٿيا، هن چيو ته غريب علائقن ۾ پاڻي صورتحال انتهائي خراب آهي، ضروري آهي ته ترقي ۾ سڀني علائقن کي شامل ڪيو وڃي.