حيدرآباد: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، وڏي وزير جي پرائيويٽ سيڪريٽري جي ضمانت ۾ واڌ

0
171
نيب پاران سليم باجاري

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثا رکڻ واري جاچ جي سلسلي ۾ نيب کان وڏي وزير جي پرائيويٽ سيڪريٽري سليم باجاري خلاف ٿيندڙ جاچ بابت سمورا تفصيل طلب ڪندي سليم باجاري جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ۾ 6 اپريل تائين واڌ ڪري ڇڏي

احتساب عدالت ۾ سليم باجاري پنهنجي وڪيل عشرت علي لوهر سميت پيش ٿيو، وڪيل چيو ته نيب سليم باجاري خلاف جاچ کي ڳجهو پئي رکي، شڪ آهي ته بيان رڪارڊ ڪرائڻ دوران ٻي ڪنهن لڪل جاچ ۾ کيس گرفتار ڪيو ويندو

سليم باجاري جي وڪيل استدعا ڪئي ته نيب کي پابند بڻايو وڃي ته هو سليم باجاري کان اوپن ڪورٽ يا رجسٽرار آفيس ۾ بيان وٺڻ سان گڏ سمورين انڪوائريز جا تفصيل فراهم ڪري

ايڪٽنگ جاچ آفيسر عدالت کي آگاهي ڏني ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ۾ به نيب کان انڪوائريز جا تفصيل وٺڻ لاءِ پٽيشن نمبر 307/22 داخل ڪرائي ڇڏي آهي جنهن تي سڀاڻي ٻڌڻي ٿيندي

سليم باجاري کي مختلف وقتن تي پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس اماڻيا هئا پر هو پيش نه ٿيو، جڏهن ته جاچ آفيسر لاهور ۾ مصروف هئڻ سبب پيش نه ٿي سگهيو آهي

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد جاچ آفيسر کي نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي سليم باجاري خلاف هلندڙ سمورين انڪوائريز جا تفصيل فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ نيب چيئرمين 6 اپريل تي سليم باجاري خلاف جاچ جي اڳڀرائي رپورٽ به عدالت کي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو