هاريءَ ڊگهن وڻن تي هلندڙ موٽرسائيڪل تيار ڪري ورتي

0
402
هاريءَ ڊگهن وڻن تي

منگلور(دلچسپ نيوز) هڪ ڀارتي هاري کي 2014ع کان وٺي محنت ۽ تحقيق ڪرڻ جو ڦل ملي ويو، هن ڊگهن وڻن تي چڙهڻ لاءِ هڪ موٽر سائيڪل ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب رياست ڪرناٽڪا جي منگلور ۾ هڪ هاريءَ جو انٽرويو ڪيو ويو، جنهن ڊگهن وڻن تي چڙهڻ جي مشڪل ڪم کي آسان بڻائي ڇڏيوآهي

گهنپتي ڀٽ نالي هڪ هاريءَ جي زمين ۾ 60-70 فوٽ ڊگھا ناريل جا وڻ آهن جن تي چڙهڻ لاءِ هن پنهنجي انجنيئر دوست سان گڏ موٽر سائيڪل تيار ڪري ورتي آهي. هاريءَ چيو ته هاڻي هو پوڙهو ٿي چڪو آهي ۽ ڊگهن وڻن تي چڙهي نٿو سگهي ۽ مزدور ڪرڻ لاءِ کيسو به اجازت نٿو ڏئي. جنهن سبب ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي جو سوچي موٽر سائيڪل ٺاهڻ جو خيال آيو. گهنپتي ۽ سندس انجنيئر دوست 2014 کان ڪندڙ تجربن کانپوءِ نيٺ هنن کي ڪاميابي ملي وئي ۽ 40 لک رپيا خرچ ڪرڻ بعد آخرڪار وڻ تي هلندڙ موٽرسائيڪل تيار ڪري ورتو