حماس 13 اسرائيلين ۽ 7 پرڏيهي يرغمالين کي آزاد ڪري ڇڏيو

0
169
حماس 13 اسرائيلين ۽ 7 پرڏيهي يرغمالين کي آزاد ڪري ڇڏيو
حماس 13 اسرائيلين ۽ 7 پرڏيهي يرغمالين کي آزاد ڪري ڇڏيو

حماس 13 اسرائيلين ۽ 7 پرڏيهي يرغمالين کي آزاد ڪري ڇڏيو، آزد ڪيل ماڻهن کي مصر روانو ڪيو ويو

 يرغمالين جي آزادي بابت رڪاوٽن جو خاتمو قطر ۽ مصر جي ڪوششن سان ممڪن ٿيو، حماس طرفا 20 يرغمالين جي آزادي جي بدلي اسرائيل جنگبندي ڊيل تحت 39 فلسطيني قيدين کي آزاد ڪيو هو، آزاد ڪيل فلسطيني قيدين ۾ 33ٻار۽ 6 عورتون شامل آهن

 7 آڪٽوبر کان غزا تي اسرائيلي حملن ۾ 14هزار 854 فلسطيني شهيد ٿي چڪا، شهيدن ۾ 6هزار150 ٻار ۽ 4 هزار کان وڌيڪ عورتون شامل آهن

 غزا ۾ اسرائيل جي حملن ۾ 311 تعليمي ادارا ۽ 87 ايمبولنسون تباهه ٿي چڪيون،26 اسپتالون مڪمل طور بند، اسرائيلي فوج طرفان 167 عبادتگاهن کي به نشانو بڻايو ويو