قمر جاويد باجوه ۽ فيض حميد خلاف ڪيس جي درخواست اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڪاز لسٽ مان منسوخ

0
151

اسلام آباد ہائیکورٹ نے سابق آرمی چیف اور سابق ڈی جی آئی ایس آئی کے خلاف مقدمہ اندراج کی درخواست 28 نومبر کو سماعت کیلئے مقرر تھی۔ فوٹو فائل

اڳوڻي آرمي چيف قمر جاويد باجوه۽ فيض حميد خلاف ڪيس جي درخواست  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ  جي ڪاز لسٽ مان منسوخ ڪئي وئي آهي

 گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ  طرفان جاري ڪيل ڪاز لسٽ ۾ رٽائرمينٽ بعد قانوني رڪاوٽ ٽوڙڻ ۽ مختلف ايونٽس کي غلط بيان ڪرڻ بابت جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوه  ۽ ليفٽيننٽ جنرل  رٽائرڊ فيض حميد  خلاف ڪيس داخل ڪرڻ  بابت درخواست کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو هو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شهري عاطف علي جي اڳوڻي آرمي چيف ۽ اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست  28 نومبر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي هئي،عدالت قمر جاويد ۽ فيض حميد خلاف ڪيس داخل  ڪرڻ واري  درخواست ڪاز لسٽ مان منسوخ ڪري ڇڏي آهي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ  جي ويب سائٽ  موجب ان درخواست جي ٻڌڻي کي ڪينسل ڪري لسٽ مان ڪڍيو ويو آهي، ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست تي هاءِ ڪورٽ ايف آءِ اي، قمر جاويد باجوه ۽ فيض حميد کان علاوه صحافي جاويد چوڌري، شاهد ميتلا، پيمرا ۽ پريس ايسوسي ايشن آف پاڪستان کي به نوٽيس  جاري ڪيا ڪيا هئا

 هاءِ ڪورٽ طرفان 6 آڪٽوبر تي ڌرين کي نوٽيس موڪليا ويا هئا، ڌرين کي 28  نومبر جي ٻڌڻي کان 3 ڏينهن اڳ جواب ۽ پنهنجي دفاع ۾ دستاويز  جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق شروعاتي ٻڌڻي بعد ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا هئا