سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات، وڄ ڪرڻ جي واقعن ۾ 3 ڄڻا فوت

0
144

ڪراچي (نمائندن وٽان) ٿر سميت سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جاري، وڄ ڪِرڻ جي واقعن ۾ پيءُ پٽ سميت 3 ڄڻا فوت ٿي پيا 4 زخمي ٿي پيا

 ڇاڇرو جي ڳوٺ وائوڙي دورا ۾ وڄ ڪِرڻ سبب سليمان نهڙي ۽ سندس پٽ رمضان فوت ٿي ويا، 10ورهين جي ڪلثوم زخمي ٿي پيا عمرڪوٽ جي مجنو جي ڍاڻي ۾ وڄ ڪِرڻ  سبب 80 ورهين جي صفوران سميجو فوت ٿي وئي

 ڇاڇري جي ڳوٺ مانٻائي جو تڙ ۾ وڄ  ڪِرڻ سبب ٻني ۾ ڪم ڪندڙ عورت تلسي زال  سروڻ، همٿو ۽ ڪيسو زال سترام زخمي ٿي پيا

 ننگر پارڪر جي ڳوٺ ويرا واهه ۾وڄ ڪرڻ سبب  30 رڍون،  ٻڪريون ۽  ڇاڇرو جي ڳوٺ ريشم جو تڙ ۾ وڄ ڪرڻ سبب7 ٻڪريون مري ويون

اُلهندِي هوائن جي سسٽم جو سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽي تي اثر برقرار، ڪراچي ۾ اڄ شام  ۽ رات جو تيز برسات جو امڪان ظاهر

 ڪراچي سميت مختلف علائقن ۾ وسڪاري کان پوءِ سيءُ وڌي ويو، ملير، گلشن اقبال، صدر، ڪلفٽن، ڊفينس، محمود آباد، نارٿ ناظم آباد، فيڊرل بي ايريا ۽ ٻين علائقن ۾ برسات جو پاڻي بيٺل، بجلي جي اکٻوٽ جاري

 ميرپورخاص، عمرڪوٽ، مٺي، ٺٽو، بدين، ٽنڊو محمد خان ۽ سانگهڙ ۾ برسات بعد بجلي جو نظام ڊانواڊول،  سجاول، جاتي، ڪيٽي بندر، ساڪرو ۽ گهارو مختلف علائقن  ۾مينهن وسڻ کان پوءِ ٿڌ وڌي وئي