اچو ته نئين سنڌ اڏيون: سنڌ ۾ ايڪتا تقريبون، قومي گيتن تي رقص

0
151

رتوديرو (رپورٽ: عبدالله ڀٽو) رتيديري ۾ خانگي هاءِ اسڪول ۾ ايڪتا تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ اسڪول جي استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين ثقافتي ويس وڳا اوڍي شرڪت ڪئي، ايڪتا تقريب ۾ سنڌ کي ڀيٽا پيش ڪرن لاءِ اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين آنڌيءَ ۾ جوت جلائڻ وارا سنڌي، سونهن ڀري سنڌ توکي منهنجو سلام، هيءَ سنڌ جيئي، سنڌ وارا جيئن ۽ ٻين قومي گيتن تي جھمريون هنيون

ان موقعي تي استادن عبدالڪريم سپڙو، منير احمد سولنگي، شعيب الرحمان سومرو، شاگردياڻين شاگردن انعم مهيسر، حسنين عباس، خوشبو ابڙو، انصار، امه ليليٰ، عشا ابڙو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته اسان ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهائنداسين، هنن چيو ته ٽوپي ۽ اجرڪ پهري اسان دنيا کي اهو ٻڌائڻ گھرون ٿا ته اسان کي پنهنجي ثقافت سان پيار آهي

هنن چيو ته موهن جي دڙي مان سنڌ جي ثقافت جا آثار ملن ٿا، جيڪا اسان سنڌي ماڻهن لاءِ انتهائي فخر جي ڳالهه آهي، هنن چيو ته سنڌ جي ثقافت قديم ۽ عظيم آهي، جنهن کي بچائڻ لاءِ اسان کي متحد ٿيڻو پوندو، اڄ اسان اهو وچن ٿا ڪريون ته پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت کي هر حال ۾ زندهه رکنداسين

ميهڙ ۾ ايڪتا ڏهاڙي مناسبت سان تياريون جاري، سرگرميون تيز

 ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار پاران اعلانيل اچو ته نئين سنڌ اڏيون جي عنوان ھيٺ ميھڙ ۾ ايڪتا جون سرگرميون تيز ڪيون ويون آھن جڏھن ته سياسي سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر الاھي بخش چانڊيو پاران ايڪتا ڪچھري ڪئي وئي

 ان سلسلي ۾ سنڌ جي سريلي فنڪار برڪت علي چانڊيو پنھنجو نئون گيت رڪارڊ ڪرائي ورتو، جڏھن ته فنڪار برڪت علي چانڊيو پنھنجي سازندن ڍولڪ نواز علي شير سمون، باجي نواز شھزادو سمون، بئنجي نواز محمد يوسف سمون سان گڏ “اچو ته نئين سنڌ سجايون ۽ علي قاضي سان ساٿ نڀايون” گيت ڳائي داد حاصل ڪيو آھي، ان موقعي تي سياسي سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر الاھي بخش چانڊيو پاران ٽائيم نيوز ميھڙ جي ٽيم ۽ فنڪارن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ پڻ اوڍايا

 جڏھن ته تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر الاھي بخش چانڊيو ۽ ٻين چيو ته اسين محترم علي قاضي جي سڏ کي لبيڪ ڪندي ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار سان گڏ اعلانيل ايڪتا جو ڏينھن وڏي جوش ۽ جذبي سان ملھائينداسين ان موقعي تي ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار ميھڙ جي رپورٽر عبدالرحمن قمبراڻي نيشنل پريس ڪلب ميھڙ جي صدر مير صابر ڪولاچي ، منظور مھيسر ، فراز احمد چنه ، سڌير احمد چانڊيو ۽ ٻيا پڻ شامل ھئا

سکر ۾ ثقافتي رنگ نکري پيا، ايڪتا مچ ڪچهري، سرن ورکا

 سکر شهر جي شيخ محلا قريشي ڳوٺ ۾ “اچو ته نئين سنڌ اڏيون” عنوان سان سچل سائين شيخ ڪميونٽي ويلفيئر آرگنائيزيشن طرفان سگهڙ ڪچهري ڪوٺائي وئي،  سنڌي ٽوپي اجرڪ پھريل وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪري ڌرتي، ثقافت ۽ ٻولي جي خوشحالي لاءِ ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سرواڻ علي قاضي جي جدوجهد کي ساراهيندي کيس زبردست ڀيٽا پيش ڪئي

 ڪچهري ۾ گلزار احمد شيخ، شهزادو شيخ، عبدالغفور شيخ، عبدالحليم آخوند ۽ ٻين شرڪت ڪئي، سگهڙ ڪچهري ۾ هادي بخش شيخ، مشتاق شيخ، شمن شيخ، گلشير چوهاڻ ۽ ٻين سنڌ جي مهمان نوازي جي لوڪ ڏاهپ ۾ حال احوال ڏئي اوطاق جا آداب بيان ڪيا، جڏهن ته پهاڪا، لوڪ چوڻيون، لوڪ ڪٿائون ۽ ڳجهارتون ٻڌائي واهه واهه ڪرائي ڇڏي

 تقريب ۾ شامل ٿيندڙن جي ميزبان گلزار احمد شيخ طرفان ڪڻڪ، چانورن ۽ جوئر جي ماني سان ساڳ، پلي سميت پلاءَ برياني کارائي توازو ڪئي وئي.  آخر ۾ راڳ جي محفل ۾ مقامي صوفي فنڪارن  ڪلام ڳائي ٻڌندڙن کي جهومائي ڇڏيو