حمائما طرفان جعلي تصويرون وائرل ڪندڙن کي وارننگ

0
170
حمائما طرفان جعلي

لاهور(شوبز نيوز)پاڪستان اداڪارا حمائما ملڪ پنهنجون جعلي تصويرون ڦهلائيندڙ خلاف سوشل ميڊيا پيجز کي قانوني ڪارروائي جي ڌمڪي ڏني آهي

اداڪارا حمائما ملڪ جي انسٽاگرام اسٽوري جو اسڪرين شارٽ سوشل ميڊيا تي وائرل آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته منهنجون ڪجهه اعتراض جوڳي انداز ۾ ايڊٽ ڪيل تصويرون انٽرنيٽ تي ڦهلايون پيون وڃن.حمائما چيو ته انتهائي شرمناڪ حرڪت آهي، ڪير ائين ڪيئن ٿو ڪري سگهي.اداڪارا طرفان سوشل ميڊيا تي موجود پنهنجي فين پيجز کي درخواست ڪئي ته مهرباني ڪري انهن تصويرن کي ختم ڪيو ٻئي صورت مان ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪنديس.