ڪيريئر جي شروعات ۾ سرجري ڪرائڻ جا مشورا مليا: ڪومل عزيز

0
209

ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان ڊراما انڊسٽري جي خوبصورت اداڪارا ڪومل عزيز چيو آهي ته ڪيريئر جي شروعات ۾ سرجري ڪرائڻ جا مشورا مليا. هڪ انٽرويو ۾ ڪومل عزيز ٻڌايو ته مون آمريڪا مان بزنيس ۽ ڪامرس ۾ ڊگري حاصل ڪرڻ بعد ڪاروبار ڪرڻ چاهيو پئي پر منهنجي اها خواهش پوري نه ٿي سگهي

هن چيو ته بزنيس مين ته نه ٿي سگهيس پر اداڪارا بڻجي شوبز جي دنيا ۾ اچي ويس. هن چيو ته ڪيريئر جي شروعات ۾ سٺا ماڻهو به مليا ته غلط ماڻهو به منهنجي زندگي ۾ آيا مون ڪوشش ڪئي ته سٺن ماڻهن سان ئي گڏ رهان ڇاڪاڻ ته انهن کان سکڻ جو موقعو مليو.