سنڌ اسيمبلي: رهائشي منصوبن کي ڪيرائڻ کان بچائڻ لاءِ ٺهراءُ منظور

0
187
منصوبن کي بچائڻ لاءِ ٺهراءُ
سنڌ اسيمبلي: رهائشي منصوبن کي ڪيرائڻ کان بچائڻ لاءِ ٺهراءُ منظور

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ٿيل اڏاوتن کي ڊاهڻ خلاف ٺهراءُ پاس ڪندي چيو آهي ته انساني همدردي جي ناتي اهي سڀ عمارتون جيڪي فلاحي پلاٽن تي ٺهيل ناهن يا پاڻي جي وهڪرن ۾ رڪاوٽ نٿيون بڻجن انهن کي ڊاهڻ بدران قانون سازي ذريعي پڪو ڪيو وڃي

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پ پ ايم پي اي ندا کهڙو پاران پيش ڪيل ٺهراءُ ۾ نسلا ٽاور جو نالو کڻڻ بنا چيو ويو ته انهن اڏاوتن جي ڊهڻ سان ماڻهو بي گهر ٿيندا ۽ انهن کي تڪليف پهچندي. ان ڪري سنڌ سرڪار قانون سازي ذريعي سڄي سنڌ اندر اهڙين عمارتن ۽ اڏاوتن کي پڪو ڪري

پ پ پاران پيش ڪيل اهڙي ٺهراءُ تي مخالف ڌر سخت احتجاج ڪندي چيو ته سنڌ سرڪار سرڪاري زمينن ۽ پلاٽن تي ٿيل قبضن کي قانوني شڪل ڏيڻ چاهي ٿي، سنڌ اسيمبلي کي ان مقصد لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي