لاهور: (بيورورپورٽ) لاهور هاءِ ڪورٽ شهباز شريف جي ضمانت واري ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته ڪيس جون سموريون حقيقتون ڏسڻ کان پوءِ ئي فيصلو ڪري سگهون ٿا ته شهباز شريف جي ضمانت ٿيندي يا نه. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي باقر جي سربراهي ۾ جسٽس عاليه نيلم ۽ جسٽس شهباز رضوي تي ٻڌل 3 رڪني بينچ اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف جي ضمانت واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. شهباز شريف جي وڪيل اعظم نذير تارڙ دليل ڏيندي چيو ته منهنجي 27 ساله وڪالت ۾ ائين ڪڏهن به ناهي ٿيو ته 3 ڏينهن کان پوءِ فيصلو بدليو هجي. عدالت چيو ته فيصلو اکين سان ڏسن کان اڳ ڪڏهن به پنهنجي اصيل کي نه ٻڌايو. اعظم نذير چيو ته عدالت ضمانت ڪري فيصلو بدلائي ڇڏيو. عدالت چيو ته جيستائين لکت ۾ حڪم نٿو اچي تيستائين اندازو نه لڳائڻ گهرجي. اهو اوهان لاءِ سبق آهي. وڪيل چيو ته اسان ته روز هتان کان سکي رهيا آهيون. عدالت ٻنهي فيصلن تي غور ڪري. ڊپ آهي ته ڪٿي ڪيس جي ٻڌڻي نئين سر نه شروع ڪئي وڃي. عدالت چيو ته فيصلو ڏسنداسين ته معاملي جي گهرائي نه سمجهي سگهنداسين اسان کي فيصلو ڏسڻو آهي پر ان ۾ جيڪي سبب لکيا ويا آهن اهي به ته واضح هجن. عدالت چيو ته اسان لاءِ ڪيس جي سمورين حقيقتن کي سمجهڻ ضروري آهي. ان کان پوءِ ئي فيصلو ڪري سگهنداسين ته ضمانت ٿيڻ گهرجي يا نه، جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. واضح رهي ته شهباز شريف جي ضمانت واري ڪيس ۾ جسٽس امجد جاويد گهرال جي اختلافي نوٽ جي آڌار تي چيف جسٽس قاسم خان فل بينچ جوڙي هئي.