ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، نوجوان قتل، هڪ زخمي، ان ڏس ۾ ڊاڪس ٿاڻي جي حد ۾ مڇرڪالوني ۾ نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري 30 ورهين جي مهروز خان پٽ محمد الرحمان کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته گوليون لڳڻ ڪري 25 سالن جو ذاڪر به زخمي ٿي پيو. اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب واقعي واري جاءِ تان ثابتيون گڏ ڪيون ويون آهن، ابتدائي جاچ موجب واقعو ذاتي دشمني لڳي ٿو.