حديقه ڪياني جو نئون گيت “وه ڪون هي” رليز

0
323
حديقه ڪياني جو

ڪراچي: (شوبز نيوز) مشهور ڳائڻي ۽ اداڪارا حديقه ڪياني پنهنجي البم “وصل” جو نئون گانو “وه ڪون هي” رليز ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق حديقه ڪياني سوشل ميڊيا تي پنهنجي نئين گاني جي وڊيو شيئر ڪئي جنهن کي مداحن طرفان ڀرپور موٽ ملي رهي آهي، مداحن هميشه وانگر سندس جادوئي آواز کي ساراهيو

گلوڪاره چيو ته سندس نئون گانو ”وه ڪون هي“ هاڻي منظر عام تي اچي چڪو آهي، البم وصل جي گذريل ٻن گيتن وانگر مون کي اميد آهي ته مداحن کي هي ٽيون گيت به پسند ايندو. حديقه جو چوڻ هو ته وصل جي ان کان اڳ رليز ڪيل ٻن گيتن کي مداحن طرفان تمام سٺي موٽ ملي جنهن سبب مونکي خوشي ٿي، اميد آهي ته مداحن کي هي گيت به پسند ايندو. ٻڌايو پيو وڃي ته گاني جا ٻول ڳائڻي جي والده خاور ڪياني لکيا آهن ۽ موسيقي حسن بادشاه ڏني آهي