حارث سهيل انگلينڊ جي خلاف ون ڊي سيريز مان ٻاهر

0
379

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي مڊل آرڊر بيٽسمين حارث سهيل انگلينڊ جي خلاف ون ڊي سيريز مان ٻاهر ٿي ويو، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته کاٻي هٿ سان کيڏندڙ حارث سهيل هم اسٽرنگ انجري جو شڪار ٿي ويو جنهن ڪري هو ون ڊي سيريز کان ٻاهر ٿي ويو آهي، پي سي بي موجب حارث سهيل جو ايم آر آءِ اسڪين اربع تي ٿيو جنهن کان پتو پيو ته هو گريڊ ٿري انجري جو شڪار آهي، ڊاڪٽرز به حارث کي 4 هفتا آرام ڪرڻ جو چيو آهي، حاث سهيل وطن واپس پهچي نيشنل هاءِ پرفارمنس سينٽر ۾ ري هيب پروگرام ڪندو، واضح رهي ته انگلينڊ ۽ پاڪستان وچ ۾ 3 ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جو پهريون ميچ اڄ کيڏيو پيو وڃي، سهيل حارث جي جاءِ تي صهيب مقصود کي شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.