حڪومت پرڏيهي شهرين جي رجسٽريشن جو فيصلو ڪري ورتو

0
238
پاڪستان اچڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (بيورو رپورت) ملڪ ۾ سمورن پرڏيهين کي رجسٽرڊ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي، وفاقي گهرو وزير طرفان 70سالن ۾ پاڪستان آيل 50 هزار پرڏيهي غائب ٿيڻ جو اعتراف ڪيو ويو آھي، وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پاڪستان آيل 50 هزار پرڏيهين جو ڪوبه اتو پتو ناهي، اُهي غائب ٿي ويا، هاڻي ڪوبه پرڏيهي بنا رجسٽريشن جي نه رهي سگهندو، سمورن پرڏيهين جي رجسٽريشن ڪنداسين، ڪوشش هوندي ته موجوده صورتحال ۾ سمورا پرڏيهي رجسٽر ٿين. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته ايلين ڪارڊ ذريعي پرڏيهين کي بيڪ اڪائونٽس کولڻ، ڪاروبار ڪرڻ، سم حاصل ڪرڻ ۽ سفري سهولتن جي اجازت ڏني ويندي، آئيس ۽ ڪوڪين سوڌو ٻي منشيات پرڏيهه مان پاڪستان اچي رهي آهي، پاڪستان مان منشيات پرڏيهه نٿي وڃي، منشيات خلاف وڏي پئماني تي ڪارروائي ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، بلاول دل جو جاني آهي، بلو راني خلاف ڪابه ڳالهه نٿو ٻڌي سگهان، اپوزيشن آزاد ڪشمير ۾ به عمران خان کي ڪجهه نه ڪري سگهندي، آزاد ڪشمير ۾ پي ٽي آءِ ڪامياب ٿيندي.