ڊالر جي مٿانهين اڏام: 160 رپين جي بلند سطح تي پهتو: سون ۾ 600 رپين جي لاٿ

0
356
ڊالر 191 رپين کان به

ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر جي مٿانهين اڏام، 160 رپين جي بلند سطح تي پهچي ويو، سون ۾ 600 رپين جي لاٿ، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 600 رپيا لاٿ سان 109600 مان 109000 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 20 رپيا اضافي سان 1500مان 1520 رپين تي پهتي، ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 60 پئسا واڌ سان 159.2 مان 159.8 رپين تي پهتو، جڏهن ته ڪجهه مني چينجرن ڊالرن جي گهرج کي سامهون رکي 159.95 رپين تي سودا ڪيا. هوڏانهن پائونڊ هڪ رپيو واڌ سان 219.5 مان 220.5 رپيا ۽ يورو پڻ هڪ رپئي جي اضافي سان 187 مان 188 رپيا ٿي ويو.