جيڪولين پريانڪا جي گهر جو پوڻا 7 لک رپيا ڪرايو ڀرڻ لڳي

0
371

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ناليواري اداڪارا جيڪولين فرنينڊس ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي گهر جي هڪ وڊيو شئير ڪئي آهي جيڪو حقيقت ۾ ان جو گهر ناهي.جيڪولين طرفان شيئر ڪيل وڊيو ۾ هڪ گهر کي ڏسي سگهجي ٿو جنهن ۾ هوءَ رهائش پذير آهي جيڪو گهر ممبئي جي پوش علائقي جوهو ۾ آهي.ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب جيڪولين هلندڙ سال ان گهر ۾ رهائش اختيار ڪئي آهي جيڪو گهر اداڪارا پريانڪا چوپڙا جي ملڪيت آهي ۽ جيڪولين پريانڪا کي ان اپارٽمينٽ جو ماهوار ڪرايو 6 لک 78 هزار رپيا ادا ڪندي آهي جڏهن ته ان اپارٽمينٽ جي ملڪيت 7 ڪروڙ رپيا ٻڌائي پئي وڃي.جيڪولين جنهن فليٽ ۾ لڏپلاڻ ڪري پهتي آهي اِهو فيلٽ ساڳيو ئي فليٽ آهي جنهن ۾ پريانڪا چوپڙا 2018 ۾ نڪ جونز سان شادي تائين رهندڙ هئي.رپورٽ جي موجب جيڪولين جو اهو فيلٽ 5 ڪمرن تي مشتمل آهي جڏهن ته ان جي گيلري کان سمنڊ جو نظارو به ڪري سگهجي ٿو.اداڪارا جي گهر ۾ هڪ گارڊن به آهي جتي هُن پنهنجي پسند جا گُل ۽ سبزيون پوکيون آهن.