سنڌ سرڪار جو صوبي ۾ تعليمي ادارا بند رکڻ وارو فيصلو برقرار

0
502

 راچي(م ڊ) عالمي وبا ڪورونا جي چوٿين لهر جي ڪري سنڌ سرڪار صوبي ۾ اسڪولز بند رکڻ وارو فيصلو برقرار رکندي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. سنڌ حڪومت جي طرفان جاري ڪيل نوٽيفيڪشن موجب سمورا سرڪاري توڙي تعليمي ادارا 30 آگسٽ تائين بند رهندا.واضح رهي ته هن کان اڳ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ ۾ تعليمي ادارا 23 آگسٽ جي بجاءِ 30 اگسٽ تي کولڻ جو اعلان ڪيو هو.

سنڌ حڪومت اسڪولز کانپوءِ يونيورسٽيز به هڪ هفتو بند رکڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ان حوالي سان صوبائي وزير اسماعيل راهو جو چوڻ هو ته سنڌ جون سموريون يونيورسٽيز ۽ بورڊز 30 آگسٽ تي کوليا ويندا.