جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ويجهو ڳوٺ آباد ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان علي حيدر شاهه جي مينهن جي واڙي کي باهه لڳي وئي، جنهن دوران ڳوٺاڻن ڪيترين ئي مينهن کي ٻاهر ڪڍي ورتو، جڏهن ته باهه سبب مال جو واڙو مڪمل طور سڙي رک ٿي ويو، متاثر ڳوٺاڻي موجب باهه سبب واڙي ۾ پيل لکين روپين جو بُهه ۽ ٻيو سامان سڙي ويو آهي، اطلاع تي فائر برگيڊ عملي پهچي باهه تي ضابطو آڻي ورتو.