لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد جناع باغ بيگم نصرت ڀٽو هال ٻاهران اڌڙوٽ شخص جو لاش پيل ڏسي علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن بعد پوليس پهچي لاش کڻائي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو، جتي سڃاڻپ نه ٿيڻ تي لاش ايڌي رضاڪارن حوالي ڪيو ويو، جن دفنائي ڇڏيو، پوليس موجب فوتي نشي جو عادي هو.