جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي يوسي ناوڙا جي برسات متاثرن برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرائڻ ۽ راشن نه ملڻ خلاف عبدالرزاق شاهه، پنهل بروهي ۽ اصغر سيانچ جي اڳواڻي ۾ ڊي سي ھائوس آڏو ڌرڻو هنيو ويو.ان موقعي تي ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته يوسي ناوڙا جي 70 کان مٿي ڳوٺن ۾ 7 کان 10 فوٽ پاڻي بيٺل آهي، اسان روڊن تي دربدر آهيون، چنڊ شاخ ۽ ڪوريجا شاخ جا ھٿرادو ڪٽ بند ناهن ٿي سگهيا. هنن چيو ته ضلعي انتظاميا برسات متاثرن جي واهر ناهي ڪئي اسان جي واهر ڪئي وڃي ۽ ڳوٺن مان برساتي پاڻي کي قدرتي لنگهه مان نيڪال ڪرائي ڏنو وڃي جيئن اسان پنهنجي ڳوٺن ۾ واپس وڃي سگهون.