رپڙي (ن پ ا) نوراجا مان برساتي پاڻي گهٽجڻ بجاءِ وڌڻ لڳو، فصلن، گهرن، گهٽين ۽ قبرستانن ۾ چيلھه جيترو پاڻي بيٺل، پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب ڪيترائي گهر ڪِري پٽ پئجي ويا. رپورٽ موجب رپڙيءَ ويجهو نوراجا شھر مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، پاڻيءَ جي سطح گهٽجڻ بجاءِ وڌڻ لڳي. سيد سچل شاھ، بگن خواجه، اڪرم شيخ، اڪبر خواجه، علي ڏنو خواجه ۽ ٻين دانھيندي چيو ته 3 ھفتا گذرڻ باوجود اسان پاڻي نيڪال ناھي ڪرايو ويو، جنهن سبب گھرن، گهٽين، روڊن رستن، قبرستانن ۽ فصلن ۾ 4 کان 5 فوٽ پاڻي بيٺل آهي. هنن دانهيندي ٻڌايو ته مختلف علائقن جا بااثر سدا بھار، ٽه بندي ۽ ٻين ھنڌن تي ڪٽ ھڻي نوراجا طرف پاڻي ڇوڙ ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري ٻوڏ واري صورتحال آهي. هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي نيڪال ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي.