ڪراچي(ڪامرس رپورٽ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪالهه ڪاروبار جو هاڪاري ڏينهن رهيو ۽ 100 انڊيڪس 139 پوائنٽن جي اضافي 42 هزار هڪ پوائنٽ تي بند ٿيو. ڪاروباري ڏينهن ۾ 100 انڊيڪس 229 پوائنٽن جي بينڊ ۾ رهيو، 100/ انڊيڪس جي ڪالهه بلند ترين سطح 42 هزار 91 رهي. مارڪيٽ ۾ 11 ڪرڙ 85 لک شيئرز جا سودا ٿيا. 3 ارب 87 ڪروڙ رپين جو ڪاروبار ٿيو. مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن 13 ارب رپين جي اضافي سان 69 کرب 41 ارب رپيا رهي.