جيڪب آباد:زبردستي سڱ گھرڻ تان ميونسپل ملازم پاران پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش

0
326

جيڪب آباد(ن پ ا) چنا محله جي رھواسي ميونسپل ملازم بخشل مرھيٽو بااثر پاران زبردستي نياڻين جو سڱ گھرڻ خلاف پريس ڪلب آڏو پھچي احتجاج ڪيو ان موقعي تي ملازم پاڻ کي باهه ڏيڻ جي به ڪوشش ڪئي شھرين کيس باھه ڏيڻ کان بچائي ورتو، صحافين آڏو ميونسپل ملازم بخشل مرھيٽو دانھيندي چيو ته بااثر شريف مرھيٽو ۽ رفيق مرھيٽو زبردستي نياڻين جو سڱ گھري رھيا آھن نياڻين جا سڱ نه ڏيڻ تي مون کي موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آھن جوابدار بااثر ھجڻ ڪري مون کي ذھني ٽارچر ڪري رهيا آهن ڪيترائي ڀيرا ٿاڻي تي بيگناهه لاڪ اپ ڪرايو ويو پوليس به بااثرن جو ونگار وھي رهي آهي ھن چيو ته منهنجي ۽ منهنجي ٻارن جي حياتي کي خطرو آهي ھن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد کان مطالبو ڪيو ته منھنجي احتجاج جو نوٽيس وٺي بااثر خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.