جيڪب آباد: ڦرلٽ ۾ ملوث ٻن پوليس اهلڪارن تي ڪيس داخل

0
394

جيڪب آباد (ن پ ا) جيڪب آباد ۾ ڦر جي واقعن ۾ پوليس اهلڪار ملوث ھئڻ جو انڪشاف، ڏوھارين جي سھولتڪاري الزام هيٺ ٻن پوليس اهلڪارن تي ڪيس داخل، گذريل ڏينهن سٽي ٿاڻي جي حد ڏنگر محله مان هٿياربندن مال جي واپاري عامر رند کان 10 لک ڦر ڪيو ھو ڏوھارين جا سھولتڪار پوليس اھلڪار عبدالستار جاگيراڻي ۽ قالو خان پنهور نڪتا، ٻنهي پوليس اھلڪارن خلاف سٽي ٿاڻي تي ايس ايڇ او عبدالجھانگير مٺياڻي جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو،ايس ايس پي جيڪب آباد شمائل رياض ملڪ جي حڪم تي ڏوھارين جي سھولتڪار ٻنهي پوليس اھلڪارن کي ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو ، پوليس موجب گذريل ڏينهن واپاري عامر رند کان 10 لک روپيا ڦر ٿيا ٻئي اھلڪار جاءِ واردات تي بيٺا ھئا پر ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ فرار ڪرائڻ ۾ سھولت ڏني.