جهل مگسي: هاريءَ جي ڌيءَ سردارن خلاف چونڊ ميدان تي لٿل

0
73

جهل مگسي: جهل مگسي ۾ نواب خاندان جي مقابلي ۾ هڪ هاريءَ جي ڌيءَ چونڊ ميدان ۾ اچي وئي آهي، تڪ پي بي 11 کان اميدوار ريحانه مگسي ان پٺتي پيل علائقي ۾ طاقتور نوابن کي چئلينج ڪندڙ پهرين عورت آهي، ريحانه عملدارن کان سيڪيورٽي جي فراهم جو به مطالبو ڪيو آهي

جهل مگسي ۾ پهريون ڀيرو مگسي ڪٽنب جي مقابلي ۾ هڪ هارياڻي عورت بيٺي آهي، ريحانه مگسي ڄاموٽ قومي موومينٽ جي ٽڪيٽ تان اليڪشن وڙهي رهي آهي

ڳوٺ سارنگ جي ڪچي گهر ۾ رهندڙ هي بهادر عورت صبح جو اٿي پنهنجي گهر جو ڪم ڪندي آهي ۽ پوءِ گهر گهر وڃي ووٽ گهرندي آهي، ڪڏهن موٽرسائيڪل تي ته ڪڏهن پنڌ ماڻهن وٽ ويندي آهي

ريحانه مگسي چوي ٿي ته نوابن غريبن کي ڪا به سهولت ناهي ڏني، مالي ڏکيائين جي ڪري شايد کٽي نه سگهان پر عورتن ۽ ماڻهن ۾ موجود خوف کي ختم ڪرڻ چاهيان ٿي

هي به پڙهندا

ميرپور خاص ۾ پ پ اميدوار ذوالفقار شاهه تي قاتلاڻو حملو، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي منتقل