جهانگير ترين گروپ هڪ ايس ايڇ او جي مار آهي: فيصل واوڊا

0
558

اسلام اباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ جي سينيٽر فيصل واوڊا جهانگير ترين گروپ تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته جهانگير ترين گروپ هڪ ايس ايڇ او جي مار آهي. هڪ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي فيصل واوڊا چيو ته هي گروپ فقط هڪ ايس ايڇ او جي مار آهي پر اسان اهڙي سياست نٿا چاهيون ته پوليس موبائيل موڪليون. پروگرام ۾ جهانگير ترين گروپ جي ياور بخاري فيصل واوڊا کي شٽ اپ ڪال ڏيندي چيو ته توهان وات بند رکو، همت آهي ته موڪلي ڏيکاريو ايس ايڇ او.