امريڪي صدر پاران اسرائيلي وزيراعظم کان غزه تي حملن ۾ ڪمي جو مطالبو

0
450

واشنگٽن: آمريڪي صدر اسرائيلي وزيراعظم کان مطالبو ڪيو آهي ته هو غزه تي حملن کي فوري طور تي گهٽتائي ڪري ۽ ڇڪتاڻ ختم ڪري. وائيٽ هائوس مطابق آمريڪي صدر جو بائيڊن ۽ اسرائيلي وزيراعظم نتن ياهو ۾ ٽيليفون تي گفتگو ٿي جنهن ۾ آمريڪي صدر اسرائيلي وزيراعظم کان مطالبو ڪيو ته هو غزه تي حملن کي فوري طور تي گهٽائي ۽ ڇڪتاڻ کي ختم ڪري. اسرائيلي ميڊيا دعويٰ ڪئي ته نتن ياهو بائيڊن کي ٻڌايو ته غزه ۾ جنگ تيستائين جاري رهندي جيستائين مقصد حاصل نه ڪيا ويا. ٻئي طرف اسرائيلي وزيراعظم پنهنجي وڊيو بيان ۾ اعلان ڪيو ته هو حماس خلاف پنهنجا حملا جاري رکندو. اسرائيلي فوج غزه ۾ حماس جي 100 ڪلوميٽر سرنگون تباهه ڪرڻ جي به دعويٰ ڪئي آهي ، جنهن ۾ 242 ماڻهو مارجي ويا ۽ 1500 کان وڌيڪ زخمي ٿيا.