جهانگير ترين نئين سياسي جماعت استحڪام پاڪستان پارٽي جو اعلان ڪري ڇڏيو

0
315
جهانگير ترين نئين سياسي پارٽي”استحڪام پاڪستان پارٽي”
جهانگير ترين نئين سياسي پارٽي”استحڪام پاڪستان پارٽي” ٺاهڻ جو ضابطا اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور: جهانگير ترين نئين سياسي جماعت استحڪام پاڪستان پارٽي جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور جي نجي هوٽل ۾ جهانگير ترين پي ٽي آءِ ڇڏيندڙ اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران نئين پارٽي جو اعلان ڪيو

جهانگير ترين چيو آهي ته ملڪ هينئر نازڪ صورتحال مان گذري رهيو آهي، قوم کي اُميد ڏيارڻ لاءِ نئين سياسي پارٽي ٺاهي رهيا آهيون، آئون روايتي سياستدان نه هئس

هن چيو ته رڳو ملڪ لاءِ ڪجهه ڪرڻ جي خواهش هئي، اُن مقصد تحت پي ٽي آءِ جو حصو ٿيس ۽ پي ٽي آءِ کي مضبوط سياسي قوت بڻائڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي

جهانگير ترين چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ حقيقتون سامهون اينديون ته اسان پي ٽي آءِ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڇا ڪيو هو، 9 مئي جي واقعن کانپوءِ سياسي صورتحال تبديل ٿي وئي آهي

هن چيو ته9مئي جي منصوبي سازن کي منطقي انجام تي نه پهچايو ته سياستدانن جي گهرن تي حملن کي به قبول جوڳو سمجهيو ويندو، ايندڙ ڏينهن ۾ سياسي ايجنڊا ۽ منشور پڌرو ڪنداسين، چونڊن ۾ اسان بهتر ڪارڪردگي ڏيکارينداسين

پريس ڪانفرنس دوران عليم خان ۽ عمران اسماعيل سوڌو پي ٽي آءِ ڇڏيندڙ اڳواڻ شامل هئا

هن کي به پڙهندا

جهانگير ترين پي ٽي آءِ ڇڏيندڙ اڳواڻن جي لاءِ چقمق بڻجي ويو

شاهه محمود پي ٽي آءِ چيئرمين سان ملاقات بعد فون بند ڪري منظر عام تان غائب