جلد شريفن جي ڪرپشن تي وائٽ پيپر آڻينداسين: عمران خان

0
261
سي ٽي ڊي عمران خان

ملتان: تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته تمام جلد شريفن جي ڪرپشن تي وائٽ پيپر آڻينداسين

ملتان ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته جلد اسلام آباد ۾ گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏيندس، مير جعفر ۽ مير صادق جو ٽولو مڙهيو ويو آهي

هن چيو ته پاڪستان ۾ حقيقي آزادي جي جدوجهد لاءِ هر ٻار کي تيار ڪرڻو آهي ۽ ملڪ ۾ اليڪشن ڪرائڻي آهي

عمران خان چيو ته شهباز شريف تي اربين رپين جا ڪرپشن ڪيس آهن، هو ڪرپشن بچائڻ لاءِ ملڪي مفادن کي قربان ڪري ڇڏيندو، جنهن جو پئسو پرڏيهه ۾هوندو اهو سامراج خلاف ڪيئن آواز اٿاريندو

ھي به پڙھندا

حلف ڇو نٿا کڻائين؟ حمزه شهباز ٽيون ڀيرو عدالت پهچي ويو