جنگبندي جا امڪان: سعودي عرب اسرائيل کي هٿيار فراهمي روڪڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، آمريڪا جو سپلاءِ روڪڻ کان انڪار

0
117
جنگبندي جا امڪان: سعودي عرب اسرائيل کي هٿيار فراهمي روڪڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، آمريڪا جو سپلاءِ روڪڻ کان انڪار
جنگبندي جا امڪان: سعودي عرب اسرائيل کي هٿيار فراهمي روڪڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، آمريڪا جو سپلاءِ روڪڻ کان انڪار

غزه (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسرائيلي فوج نصيرات ڪيمپ ۾ گھر تي بمباري ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 17 فلسطيني شهيد ٿي ويا. جنهن بعد شهيد فلسطينين جو انگ 13 هزار 300 ٿي ويو آهي. جڏهن ته اسرائيل ۽ حماس جنگبندي جي معاهدي جي ويجھو پهچي ويا آهن. سعودي عرب دنيا جي ملڪن کان مطالبو ڪيو آهي ته غزه م اسرائيلي جارحيت روڪڻ لاءِ ڪو به ملڪ اسرائيل کي هٿيارن جي فراهمي نه ڪري. ان ڏس ۾ عالمي ميڊيا موجب سعودي عرب سڄي دنيا جي سمورن ملڪن کي اسرائيل کي هٿيار نه ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي. سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان برڪس اجلاس کي خطاب ڪندي عزه ۾ اسرائيل جي بربريت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. هن چيو ته سڄي دنيا جا ملڪ غزه ۾ حملا روڪڻ لاءِ اسرائيل کي هٿيارن جي فراهمي روڪي ڇڏين

  1967ع جي حد بندي تحت آزاد فلسطيني رياست جو قيام اڻ ٽر آهي. غزه پٽي ۾ اسرائيلي ظلمن جي سخت مذمت ڪريون ٿا. اسان کي تمام جلد غزه ۾ انساني امداد پهچائڻي پوندي. فلسين مسئلي جي حل لاءِ جامع ڳالهين جي شروعات ڪرڻ جي ضرورت آهي.  هن چيو ته غزه ۾ انسانيت لڄائيندڙ ظلمن کي روڪڻ لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي. اسرائيل غزه ۾ فوجي ڪارروائيون روڪي، نه ته سمورا ملڪ ان کي هٿيارن جي سپلاءِ بند ڪري ڇڏين.  هن چيو ته آزاد فلسطيني رياست لازمي آهي

  سعودي ولي عهد چيو ته غزه م عبادتگاهن، اسپتالن ۽ اسڪولن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، جنهن ۾ ٻار، عورتو ۽ عام شهري شهيد ٿي رهيا آهن. غزه وڏي مشڪل م آهي ۽ ڪانفرنس ۾ اسان سڀني کي گڏجي اسرائيلي حملن کي پوري طاقت سان رد ڪرڻ گھرجي. غزه ۾ انساني الميي کي روڪڻ لاءِ اجتماعي جدوجھد جي ضرورت آهي. ان موقعي تي روسي چيني صدر شي جنگ پنگ به ان موقعي تي غزه ۾ ظلمن جي مذمت ڪندي چيو ته عزه جي مظلوم شهرين کي زوري بي دخل ڪيو پيو وڃي.  صدر ولادي مير پيوتن چيو ته عزه تڪرار ۾ انساني همدردي جي بنياد تي جنگ ۾ وقفي جي فوري ضرورت آهي.  ڏکڻ آفريڪي صدر چيو ته عزه جنگ م اسرائيل جنگي ڏوهن ۾ ملوث نڪتو آهي. عزه جي ماڻهن کي فوري امداد جي ضرورت آهي

  اسڪاٽلينڊ جي سربراهه حمزه يوسف چيو ته فلسطينين سان آزاد وطن جو واعدو ڪيو ويو پر ان تي عمل نه ڪيو ويو.  برڪس اجلاس ۾ چين، روس جا صدر، گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل به شريڪ ٿيا.  ٻئي پاسي فلسطيني ميڊيا موجب اسرائيلي مغوين ۽ فلسطيني قيدين جي مٽا سٽا مرحليوار ڪئي ويندي. هڪ ڏينهن ۾ 10 اسرائيلي مغوي ۽ 30 فلسطيني قيدين کي آزاد ڪيو ويندو.ان کان سواءِ غزه ۾ انساني امداد جون 3 سو ٽرڪون، خراڪ، طبي اوزار ۽ ٻارڻ کڻي اينديونن. عرب ميڊيا موجب  هيل تائين 13 هزار 300 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن جن مان 5 هزار 6 سو ٻارڙا، 3 هزار 550 عورتون شامل آهن

اسرائيلي حملن سان زخمين جو انگ 31 هزار کان وڌي ويو آهي. 15 لک شهري غزه پٽي مان لڏپلاڻ ڪري ويا آهن.  ٻئي پاسي حماس سربراهه اسماعيل هانيا چيو آهي ته اسرائيل سان جنگ بندي جي معاهدي جي ويجھو پهچي ويا آهيون. حماس پنهنجو موقف قطري ڀائرن ۽ ٽياڪڙي ڪندڙن تائين پهچائي ڇڏيو آهي. اي ايف پي موجب جنگبدي جي شروعاتي 5 ڏينهن ۾ عارضي معاهدو رهندو، جنهن ۾ زميني جنگبندي ۽ ڏکڻ غزه ۾ اسرائيل جي فضائي حملن کي به محدود ڪيو ويندو. امڪاني معاهدي تحت 300 فلسطينين کي اسرائيلي جيلن مان آزاد ڪيو ويندو، جن ۾ ٻارڙا ۽ عورتون به شامل آهن.  ن احوالي سان قطري وزيراعظم هڪ بيان ۾ چيو هو ته ڪجهه يرغمالين جي آزادي بعد عارضي جنگندي جي معاهدي ۾ معمولي مسئلا آهن

  هوڏانهن آمريڪي صدر به تصديق ڪئي آهي ته عزه ۾ يرغمالين جي آزادي وارو معاهدو ويجھو اچي ويو آهي. وائيٽ هائوس جي ترجمان جان ڪربي موجب ڳالهيون آخري مرحلي ۾ آهن ۽ اسين پر اميد آهيون. جڏهن ته جان ڪربي تفصيل ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. آمريڪا جي پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته جنگ جي خاتمي بعد الهندي ڪناري ۽ غزه کي گڏائيندڙ فلسطيني رياست چاهيون ٿا، تڪرار جو نتيجو ڇا نڪرندو، اهو چوڻ ڏکيو آهي.  ٻئي پاسي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو چيو آهي ته  جيستائين مغوين کي واپس نٿا آڻيون، ويڙهه بند نه ڪنداسين

هن چيو ته يرغمالين جي آزادي لاءِ ڳالهيون هلن پيون، اميد آهي ته تمام جلد يرغمالي آزاد ٿي ويندا. ٻئي پاسي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آه ته اسين عام شهرين جي مارجڻ جو معاملو ڏسي رهيا آهيون، منهنجي سيڪريٽري جنرل ٿيڻکان پوءِ هيل تائين اهڙي ويڙهه جو مثال نٿو ملي.  غزه جي علائقي نصيرات ڪيمپ ۾ اسرائيلي فوج گھر تي بمباري ڪري ڏني. جنهن جي نتيجي ۾ 17 فلسطيني شهيد ٿي ويا، ان کان سواءِ  اسرائيلي فوج هلال احمد اسپتال تي بمباري ڪري چار ڊاڪٽر شهيد ڪري ڇڏيا