اپر دير (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته  بزرگ سياستدان ته ذاتي دشمني تي لهي پيا آهن، اسان کي اهي گهر ويهارڻا آهن، جيڪي ٻه يا ٽي ڀيرا وزيراعظم بڻجي چڪا آهن. شينهن ته ٻلي نڪري پئي آهي، نه کيڏبو  ۽ نه ئي وري کيڏڻ ڏبو واري لاهوري سياست نه ٿي هلي سگهي. اپر دير ۾ ورڪرز ڪنوينشن سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بلاول چيو ته اسٽيبلشمينٽ چيو ته اسان ماضي ۾ سياست ۾ مداخلت ڪئي پر اڳتي نه ڪنداسين، اسان اِن اعلان جي آجيان ڪئي پ پ چيئرمين چيو ته بينظير ڀٽو ٻن آمرن سان مهاڏو اٽڪايو، عوامي طاقت ذريعي آمرن کي عبرتناڪ شڪست به ڏني.  پنجاب ۽ لاهور جي سياستدانن جي سياست آهي ته ”يا مان کيڏندس يا ڪنهن کي کيڏڻ نه ڏيندس“. سندس چوڻ هو ته بزرگ سياستدان سياست بدران ذاتي دشمني تي لهي پيا آهن، منهنجو عوام سان واعدو آهي ته 18هين ترميم تي صحيح طريقي سان عمل ڪرائينداسين، جيڪو ڪم 18هين ترميم موجب ناهي، اهو بند ڪنداسين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيل ۾ موجود پي ٽي آءِ چيئرمين تي تنقيد ڪرڻ ۾ مزو ناهي، پي ٽي آءِ چيئرمين کي جيڪڏهن ڪنهن طريقي سان موقعو ملي ويو ته هو حساب وٺندو، منهنجي نظر ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ پي ڊي ايم حڪومت جو اهو ئي مسئلو هو، اهي ماڻهن جي مدد بدران پنهنجي ويڙهه ۽ ذاتي مفاد ۾ لڳل رهيا.